شڪارپور سماچار

شڪارپور سماچار (اخبار): هيءَ هفتيوار اخبار 1922ع ۾ شڪارپور مان جاري ٿي، جنهن جو ايڊيٽر سچانند نيوندرام هوندو هو. هيءُ اخبار انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جي زير سايي نڪرندي هئي ۽ هن ۾ اڪثر ڪانگريس متعلق خبرون ۽ ان جا پروگرام وغيره شايع ٿيندا رهندا هئا. هيءَ اخبار شيام سندر پريس شڪارپور مان ڇپائي ويندي هئي. هيءَ اخبار اٽڪل ٽي سال هلڻ بعد 1924ع ۾ بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو